پانڌي پنهور

پانڌي پنهور سگهڙ: پانڌي پنهور، ڳوٺ بخش نظاماڻي، تعلقي ماتلي ضلعي حيدرآباد جو ويٺل هو. هڪ روايت موجب ڳوٺ راڄي خاناڻي تعلقو ٽنڊو باگو سندس ڳوٺ هو. پهريائين چور ۽ ڏاڍو مڙس هو ۽ پاري ابڙي سان گڏجي چوريون ڪندو هو. پوءِ توبهه تائب ٿي پنهنجو پورهيو ڪرڻ لڳو، پر اڳين ڏوهن سبب پڪڙجي سزا کاڌائين. قيد مان ڇٽڻ کانپوءِ ٻه ڀيرا حج تي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. مختلف روايتن موجب اندازاً 1900ع ۾ وفات ڪيائين. جوانيءَ ۾ عشق مجاز جي چوٽ لڳيس، ان بعد بيت چيائين. آخري وقت ۾ ميڙن ۽ مجلسن ۾ پنهنجا بيت نڙ تي چوندو هو. سندس بيت اڄ به نڙ تي چيا ويندا آهن.


لفظ پانڌي پنهورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو